Sindhi SMS: SMS Zone
24 Dec 2017 - 09:27 * REHAN DS
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
اکين ۾ ٿي ويهه، ته توکي واري ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيهه، نڪي آءُ پسان ڪي ٻيو
--------------
”جيئن کوڙي کنيون هُئي، تيئن وري به کوڙ
اها عادت اکين جي نيئن نڀائج توڙ
مون ۾ عيب ڪروڙ، تو ۾ حرف مَ ڀايان هڪڙو
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
0 1 0
Comments 44
22 Aug 2019 - 23:18
* REHAN DS
Topic Starter
اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.
مرشد لطيف
0
22 Aug 2019 - 23:10
* REHAN DS
Topic Starter
ٿَرِ ٿُوھَرِ گَھرِ جُھوپِڙا ، ٻارَڻِ جنيئن ٻُوھَ ،
وٺا مِينھَن ملير تي ، ٽھڪي نڪتا ٽُوھَ،
رات بُہ مُنھِنجي رُوحَ ، سُتي سانگي ساريا.
(شــــــــــــاھ)
0
4 Aug 2019 - 12:38
* REHAN DS
Topic Starter
نَيڻَ نه نِنڊُون ڪَنِ، ڀَڳو آرِسُ اَکِيَين
اُجهامِيو ٻَرَنِ، توکي سارِيو سُپِرِين.
شاھ لطيف
0
7 Jul 2019 - 16:40
* REHAN DS
Topic Starter
سرمون سفيدي جو، جڏھن پاتو جن،
تڏھن ڏٺي تن، اڇائي عالم ۾.
(شاھ)
0
20 May 2019 - 02:13
* REHAN DS
Topic Starter
‏ڏُونگَـرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
"پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نه پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنهِنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: 'وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
(سُر ڪوهياري ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي)
0
20 Feb 2019 - 13:04
* REHAN DS
Topic Starter
جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، ته سڀاڳومِ سَنئون، 
نِتُ نِتُ آهِ نَئون، مون کي پَسَڻُ پنوَهارَنِ جو.
(سُر مارئي،شاھ لطيف).
0
20 Feb 2019 - 12:41
* REHAN DS
Topic Starter
ڪيچان آيو قافلو، طرح موچارِي توڏَ؛
سينگاريائون سَيَدُ چئي، ڪَرَها منجهان ڪوڏَ؛
لَک لهي ٿِي لوڏَ، جيجان تِن جَتَنِ جِي.
(شاه عبداللطيف ڀٽائي)
0
20 Feb 2019 - 11:57
* REHAN DS
Topic Starter
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.
0
20 Feb 2019 - 11:55
* REHAN DS
Topic Starter
ھلندي ھوت پنھونءَ ڏي
پيرن پنڌ ڪندياس
پيرن پنڌ ڇڏيو تہ
گوڏن گسڪندياس
گوڏن گسڪڻ ڇڏيو تہ
چيلھ ڀر چرندياس
چيلھ چُرڻ ڇڏيو تہ
ٺوٺين ڀر ٽڙڪندياس
ملي تہ ملندياس نہ تہ
گھوري جان جتن تـان...
شاہ صاحب
0
20 Feb 2019 - 11:51
* REHAN DS
Topic Starter
‏قرب ڏسو ڪونجن جو، ڪيو ولر وتن،
‏ديس توڙي پرديس ..۾، ٽولا ڪري ھلن،
‏ھڪٻئي کي سھارو ڏئي، فرض ادا ڪن،
‏ڀلي رنج رھن، تہ بہ پريت نہ ڇڏين پاٹ ۾
‏شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح
0
26 Jan 2019 - 12:12
* REHAN DS
Topic Starter
ھلندي ھوت پنھونءَ ڏي
پيرن پنڌ ڪندياس
پيرن پنڌ ڇڏيو تہ
گوڏن گسڪندياس
گوڏن گسڪڻ ڇڏيو تہ
چيلھ ڀر چرندياس
چيلھ چُرڻ ڇڏيو تہ
ٺوٺين ڀر ٽڙڪندياس
ملي تہ ملندياس نہ تہ
گھوري جان جتن تـان...
شاہ صاحب
0
26 Jan 2019 - 12:08
* REHAN DS
Topic Starter
چڱا چڱائي مان ڪڏھن نہ ورچن,
ڏسي عيب اسان جا اورانگھي اچن,
جي ايڏا قرب ڪن,
تن قدمن تان قربان ٿيان ‎
لطيف سرڪار
0
1 2 3 4 >
Online: 1 & 37