Sindhi SMS: SMS Zone
25 Dec 2017 - 22:06 * REHAN DS
Ustad Bukhari Poetry
ڪو ترس ڪري جي ترسین نہ ٿو، تنھنجي مرضي توکي موڪل آ
مان تڙپي تڙپي جیئندس پیو، منھنجي دل جو توسان ڦاٿل آ.
ڪنھن قرب جا جھاڳیا جھنگ جبل، ڪا جوڙي ویٺي رنگ محل
سڀ سھٹیون ھڪ جھڙیون ناھن، ڪا سَسۡئي آ ڪا مومل آ.
تون ٿیلھین ٿو مان چنبڙان ٿو، تون ٽوڙین ٿو مان جوڙیان ٿو
سڀ ڳالھیون سوچان سمجھان ٿو پر ٿي پئي دل جو پاگل آ
اک رُئندي ڪڪري ٿي پوندي، دل ٻرندي ٽڪري ٿي پوندي
ريءِ تنھنجي حالت ڇا ٿیندي، استاد گھٹو یر گھایل آ
استاد بخاري
0 0 0
Comments 30
27 Jul 2019 - 08:28
* REHAN DS
Topic Starter
روح راضي ڪجي ياد ماضي ڪجي،
دل ٿي چاهي وري ياد تازي ڪجي.
من هو پرچي پوي آزي نيازي ڪجي،
ڇو ڀلا پيار ۾ جلد بازي ڪجي.
نيڻ سجدا هجن دل نمازي ڪجي،
شهر مجرم سڄو ڪنھن کي قاضي ڪجي.
استاد بخاري
0
27 Jul 2019 - 08:28
* REHAN DS
Topic Starter
هن ساھ تي ويساھ ڪجي ته
ڪهڙو ڪجي
ڪنهن چلولي سان چاھ ڪجي ته
ڪهڙو ڪجي
اهيا پڪ اٿم ته هو پرچي وري
رسي ويندو
ڪجھ گهڙين لائي ٺاھ ڪجي ته
ڪهڙو ڪجي
استاد بخاري
0
27 May 2019 - 01:54
* REHAN DS
Topic Starter
لاش ته خــبر نــاھي ڪنــھن مظلوم جــو ھيــو پر قاتل جي پير جــا نشان ڏاڍا حسين ھئـــا
(بخـــاري)
0
19 May 2019 - 18:54
* REHAN DS
Topic Starter
اسان کي فلسفو سائين،خوشيءَ غم جو نه سمجهايو
کِلڻ آيو ته کلنداسين،روئڻ آيو ته روئنداسين
حيات ۽ موت جي ڇيڙي مسئلن کي،نه ڊيڄاريو
حياتي آ ته جيئنداسين جي موت آيو ته مرنداسين۔۔
استاد بخاري
0
5 Mar 2019 - 01:24
* REHAN DS
Topic Starter
( استاد بخاری )
اکین م پنھنجا کجھ ارمان چھڈی وینداسین.
زندگی م پنھنجا کچھ نشان چھڈی وینداسین.
کٹی وینداسین بس ھکڑو کفن تنھنجی دنیا مان "بخاری".
تنھنجی لاء ھی سجو جھان چھڈی وینداسین
0
5 Mar 2019 - 01:24
* REHAN DS
Topic Starter
( استاد بخاری )
اکین م پنھنجا کجھ ارمان چھڈی وینداسین.
زندگی م پنھنجا کچھ نشان چھڈی وینداسین.
کٹی وینداسین بس ھکڑو کفن تنھنجی دنیا مان "بخاری".
تنھنجی لاء ھی سجو جھان چھڈی وینداسین
0
5 Mar 2019 - 01:23
* REHAN DS
Topic Starter
ٽانڊاڻو ٿي اچُ، يا پروانو ٿي پچُ،
من ۾ ٻارج مچ، يا مچن تي مستان ٿي.
استاد بخاري
0
5 Mar 2019 - 01:22
* REHAN DS
Topic Starter
اکين تي سڀ آدم ڄايا،
دل جو دلبر آ ڪو ڪو.
تنھنجو ايڏو عزم استاد
گھٻرائين ٿو پيو ”ڇو ڇو“.
استاد بخاري
0
5 Mar 2019 - 01:22
* REHAN DS
Topic Starter
مان ته مڙسيءَ سان مخمور، مسرور ٿيس،
جام، ساقي ھو ڏاڍو ڪسارو ڏنو.
ڀونءِ ڀونچال ھئي، آسمان ڏور ھو،
پيار استاد پئي ٿي پنارو ڏنو.
استاد بخاري
0
5 Mar 2019 - 01:22
* REHAN DS
Topic Starter
ھٿ پير حور لاءِ ھڻندو ڏٺو اٿم.
۽ ڪو ته جيئري جند لئي جلندو ڏٺو اٿم.
استاد، دل سمنڊ اٿس وھڪرا وڏا،
ھر وھڪري کي سونھن ڏي وھندو ڏٺو اٿم.
استاد بخاري
0
5 Mar 2019 - 01:22
* REHAN DS
Topic Starter
سونھن جي سنسار ۾ اويار مان رھندو آھيان
حسن منھنجو رب مان حسن جو بندو آھيان.
آءٌ سرجڻهار خود، پينار خود، وڻجار خود،
آئون ڪندو استاد ڪامل قرب جو ڌنڌو آھيان.
استاد بخاري
0
5 Mar 2019 - 01:22
* REHAN DS
Topic Starter
آسرو الله جو ۽ ڀروسو انسان جو،
ھو الائي آ ڪٿي، ۽ ھي خود دردن ۾ آ.
تو ڏٺو مڇريو بخاري جگ جي ميدان ۾،
مون ڏٺو نچندو بخاري امن جي جلسن م آ.
استاد بخاري
0
1 2 3 >
Online: 1 & 46