Sindhi SMS: SMS Zone
26 May 2018 - 22:08 * REHAN DS
شيخ اياز جي شاعريءَ
هو جي سڙن ٿا تنهنجي ڏات کي ڏسي،
ڄڻ هو وڙهن ٿا، سيڙهيون رکي سج سان
………اياز
0 0 0
Comments 17
4 Aug 2019 - 12:12
* REHAN DS
Topic Starter
مون کي هزارين ڪتابن جي مطالعي مان اُها خوشي نہ ٿي جا هڪ ٻڍڙي هارياڻيءَ جي گهنج گهنج منهن تي ڦهليل مُرڪ ڏسي ملي..!
شيخ اياز
0
4 Aug 2019 - 12:08
* REHAN DS
Topic Starter
مون کي هزارين ڪتابن جي مطالعي مان اُها خوشي نہ ٿي جا هڪ ٻڍڙي هارياڻيءَ جي گهنج گهنج منهن تي ڦهليل مُرڪ ڏسي ملي..!
شيخ اياز
0
3 Aug 2019 - 12:53
* REHAN DS
Topic Starter
ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ
ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينهن نياڻ
ڇڪجي پنهنجو پاڻ ، جڙجي وڃن جيءَ ۾
شيخ اياز
0
27 Jul 2019 - 08:24
* Ali DS
smile
0
27 Jul 2019 - 08:21
* REHAN DS
Topic Starter
ڪڏهن به توتي دُوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ،
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي!!
شيخ اياز
0
5 Mar 2019 - 01:15
* REHAN DS
Topic Starter
سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ايندي
اچين ته منهنجي اماس ۾ آ ڇو ته ٻي رات ڪانه ايندي
(شيخ اياز)
0
20 Feb 2019 - 11:52
* REHAN DS
Topic Starter
جڏهن شام
پاڇن کي ويڙهي ڇڏي
جڏهن درد
يادون سهيڙي ڇڏي
تڏهن
چنڊ کي تون نياپو ڪجان
اڃان
حسرتن جا ڏيئا ٿا ٻرن
اندر کي آسرا
اڃا ٿا رهن
اسان
وقت جي چيچ
ناهي ڇڏي
هلي آؤ
زندگي
ايڏي ناهي وڏي٠٠٠!!
(شيخ اياز)
0
20 Feb 2019 - 11:50
* REHAN DS
Topic Starter
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ،

ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،

زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.

چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،

ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
0
20 Feb 2019 - 11:46
* REHAN DS
Topic Starter
شيخ اياز
حياتي جا سڀئي پل اوهان سان گذارڻ ٿا چاهيون
چاهت جا سڀ رشتا اوهان سان نڀائڻ ٿا چاهيون 
هن زندگي جو رشتو ته اوهان سان آهي هميشه رهندو 
پر هر جنم جو ناتو اوهان سان رکڻ ٿا چاهيون
0
26 Jan 2019 - 12:12
* REHAN DS
Topic Starter
‏پٽي پئي ساڳُ ، کَڙِي پنهنجي کيتَ تي،
ڀانيان جهونگاري پئي ، ريجِھي ڪنهن تي راڳُ
مانجهاندي جو ماڳُ، جُھڪي ڏٺو ايوڻِيءَ.
شيخ اياز.
0
13 Jan 2019 - 18:40
* REHAN DS
Topic Starter
جڏهن شام
پاڇن کي ويڙهي ڇڏي
جڏهن درد
يادون سهيڙي ڇڏي
تڏهن
چنڊ کي تون نياپو ڪجان
اڃان
حسرتن جا ڏيئا ٿا ٻرن
اندر کي آسرا
اڃا ٿا رهن
اسان
وقت جي چيچ
ناهي ڇڏي
هلي آؤ
زندگي
ايڏي ناهي وڏي٠٠٠!!
(شيخ اياز)
0
13 Jan 2019 - 18:00
* REHAN DS
Topic Starter
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ،

ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،

زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.

چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،

ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
0
1 2 >
Online: 1 & 46