Sindhi SMS: SMS Zone
4 Dec 2018 - 12:52 * REHAN DS
مــــان ڄاڻــــــان
*مــــان ڄاڻــــــان ٿـــو تــــون ڌاري آن،*
*مونکي سنـــــڌ جيـــان پـر پيـاري آن.*
*تنھنجـــي ذات جـــدا، ھــر بــات جُدا،*
*جـــذبــــات جُــــدا، فـــــڪرات جُــــدا.*
*توکي وک وک تي مان سجدو ڪيان،*
*اڄ مونــکان پڇــيـن ٿــي پـردو ڪيان.*
*تنھنجي معصوميت جي ساک کڻـان،*
*تنـھنــجي ڳـــلڙن تــان مان باک کڻان.*
*منھنجـــي مــــــن ۾ ڏاڍي اونــــدھ آءَ،*
*۽ دل جـــــو صــحــــن انــــڌھيــــــرو آءَ.*
*مونکي پڪ نه ھُئـي امڪــان ھُيـــو،*
*تــنــھنــجو جلدي ٿي امتحـــان ويــــو.*
*تـــــو ھــــاڻي جــو ڪاليـــج ڇــڏيـــو،*
*مان سمجھان ٿو نڪــرڻ بـــه ڇڏيـــو.*
*۽ صبح جو ساڳئـــي رستــــي تــــان،*
*گذرڻ به ڇڏيو، مرڪــــڻ بـــه ڇڏيـــو.*
*ڏس تو سان ھاڻي ڪيئــــن مـــلان؟*
*ڪٿي بيھان توکي ڪيئـــن ڏســــان؟*
*خـــط، تحفـــا، گــفٽُون ڪيــئن ڏيان؟*
*ايئـــن دل کـــي وھــم ڦــري ويــا ھن،*
*ڄـــــڻ ڳــــوٺ کي فوجي گھيـري ويا.*
*مون تـــي نظــرن جو ڪرفـــيُو آءَ لڳل،*
*ھــر راھ رُڪيـــل، گھٽ، گھيڙ جھليل.*
*تنھنجو گھــر بــه ڏٺل، رستو بـــه ڏٺل،*
*پر ظـــــــالم قـــــــاتـــل رســــمــن جا،*
*ھــــر پـــــاســــي آھـــن رنــــگ لڪل،*
*ان لاء نــــــه ٿــــو تـــــو ڏانــــھن اچان،*
*ٿـــو ايـــــــندي ويـــــندي واپـــس ٿيان،*
*۽ دل ۾ ٿــــــــــــــو ويـــــــچار ڪـــيــان،*
*مان تـــــــوکـــــــان ھـڪڙي ڳالھ پڇان،*
*جـــي ھاڻـــــي نه ٿي ڪالــيج وڃين،*
*ڇـــــو ســــرتــيـــن کان ٿي ڏُور رھين،*
*تـــن ساڻ تــه مــل، تن ساڻ ته کـــل،*
*ھـــــل ٿـــــورو ھل، ھــــل ٿــــــورو ھل،*
*منھنجي روح جي راھ تـــان ٿــورو ھل،*
*منھنجي اکڙين کان بـــه نه ٿي اوجھل،*
*پـــنھنـــجي پرس کي ٿورو کولي ڏس،*
*جــــــــا تــــــو وٽ ھـــــــاڻ امــــانت آءَ،*
*منــــھنجي پيار جـــي توکي پــارت آء.*
*تـــــوُن مـــــونـکان پــنھنجا خط ته وٺ،*
*ڏس جــــن تــــي منھنجـــو نانءُ نه آءَ،*
*ڄڻ مــون وٽ منھنجــــو ھانءُ نــــه آءَ.*
*مونکي اڳ ۾ اھڙي ڄاڻ نــــه ھُئــــي،*
*تون مونکان ويندئيــن ايئــــن کســــي،*
*جيئن حــــق سمــــــورا ڌرتـــــيءَ کان،*
*جيئـــــن دھشتـــــگرد ڪراچــيءَ کي،*
*ٿــــا سنــــڌ سڄـــــيءَ کــان ڌار گھُرن.*
*ھــــي راتيــــن جا رخــــوال سڀئــــــي،*
*ٿــــا تــــوکــــي مـــــون کـان ايئن ڇنن،*
*ھــــن پيـــــار جــــي دشمــــن دنيــا ۾،*
*سڀ عادل ٿيــا، انصــــاف نـــــه ٿيــــــو،*
*ھڪ پيـــار جــــو ڏوھ ڀي معاف نه ٿيو،*
*ويـــــو توکـــــي مونکـــــان ڌار ڪيــــــو،*
*ڄـڻ ٽــــــاريءَ مــــان ڪنھـــن گُل ڇنو،*
*پـــــر توســـــان جيڪــــــو رشتـــــــو آءَ،*
*ســــو رشتـــــو اي نـــــــه ٽٽڻــــــــــو آءَ.*
*تـــــــون مونـــــکان ڌار نـــــه ٿيڻـــي آن،*
*تون منھنجي آن، تون منھنجـــــــي آن.ـــــــــــ*
0 0 0
Comments 0
No comments!
Online: 1 & 33