Sindhi SMS: SMS Zone
13 Jan 2019 - 14:17 * REHAN DS
دل چوي ٿي ڳوٺ
دل چوي ٿي ڳوٺ ڏي موٽي وڃان
“چلھ ۾ ٽانڊا ٻريل آهن اڃان“
ڪڻڪ سان ڀانڊا ڀريل آهن اڃان
اوڦراٽا ڀي تريل آهن اڃان
هٿ امڙ جا ٺريل آهن اڃان
دل چوي ٿي ڳوٺ ڏي موٽي وڃان
ساڳُ پاسي سان سُڪائي ٿئين رکيو
ڳُڙُ ذرو ٻين کان بچائي ٿئين رکيو
ڍڳ بُسرين جو پچائي ٿئين رکيو
۽ مکڻ تنهن تي سجائي ٿئين رکيو
گيھُ سچو هٿڙن سان ٺاهي ٿئين رکيو
شيشو ماکيءَ جو لڪائي ٿئين رکيو
پنهنجي هٿڙن سان رِلي ٺاهي اٿئين
کيرڻي خوش ٿي کِلي ٺاهي اٿئين
دال مُڱن جي دِلي ٺاهي اٿئين
ڇا اڱڻ تي ڪانءۡ ٻولي ڪونه ٿو
مون کي ننڍڙو ڀاءُ ڳولهي ڪونه ٿو
هاڻ جنهن کي ڪوئي رولي ڪونه ٿو
دل چوي ٿي“ڳالھ اڄ دل جي مڃان“
دل چوي ٿي ڳوٺ ڏي موٽي وڃان
“واھَ جو پاڻي لٿو هوندو وري“
سڀني يارن جو“جٿو“هوندو وري
ميري لوئي ۽ کٿو هوندو وري
پنهنجو“ ڦيريءَ “۾ مٿو هوندو وري
ٻير چوريءَ جا لِڪائڻ جو مَزو
“هَٿَ مِٽيءَ ۾ وِڃائڻ جو مَزو“
واٽ ويندن کي سَتائڻ جو مَزو
اڄُ کڻي ٻيهر اصولن کي ڀڃان
دل چوي ٿي ڳوٺ ڏي موٽي وڃان
0 0 0
Comments 0
No comments!
Online: 1 & 44