Kashish (Sindhi) Episode 2
Avatar
* Kashish (Sindhi) Episode 2
10 Dec 2017 - 22:22
……ڪشش……
قسط ٻي
ڳوٺ جي ويجھو پھتس تي مون وارو پڳ مٽ يار سُرو، پوتڙي ٻڌيو واٽر ۾ لٿل ھيو، ھاري
صابڻ سان سڄو بدن ملھي ڇڏيو ھيس، ڳجي سان چھري جي مالش پي ڪيائين، نڪ جھلي جيئن ئي پاڻي منجھ گم ٿيو ته وڃي ڪپڙن
جي ھڙ کنئي مانس، ھل وڏي لئي ھيس، پاسي
وارو کيسو ڇنڊيومانس ته ننڍي آرسي، سنھي
ڏندن وارو ڪنگو، شاندار ماوا جون ھڪ رپئي
واريون ست اٺ پڙيون ۽ ميگھا جا ڏنل ٻه تانبي
جا ڇلڙا، جيڪي ميگھا کٿڙ ولي جي درگاھ تان وٺي آئي ھئي، ھڪ سُرو ( سريش ) لاء ۽ ٻيو
امر يعني مون لاء، پر منهنجي آنڱر ۾ نه آيو ان لاء سُرو کي واپس ڪري ڇڏيو ھيم، ميگھا سُرو کي اسڪول جي دور کان وٺي وڻندي ھئي،،
۽ ميگھا ھئي به وڻڻ جھڙي، ڊگھي سنھي ۽ رنگ جي گوري چٽي، لڳندو ھيو ته اھا ڪپھ
جي گُڏڙي آھي، جڏھن ميگھا ٻنھي چوٽين ۾ ڳاڙھا گُل ھڻي اسڪول لاء نڪرندي ھئي تڏھن
سُرو جو ساھ پيو ويندو ھيو،. ھڪ ڏيهن جڏھن
اسان گلڻ شاھ جي اوتاري تان ڀنگ جا پيالا پي
نڪتاسين، ته وچ گس ۾ سُرو وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو، مان به سندس ساڻ کلڻ لڳڻ، پر
جڏھن پَرين جي تڙ تي پڳاسين ته سُرو روئڻ
شروع ڪري ڏنو، روئڻ به اھڙو جو راڄ کِلي،
پھرين مون سوچيو شايد ڀنگ جا نشا ھوندس
پر جڏھن لڙڪن جون بي انت ڇوليون سندس
اکين جي بندن سان ٽڪرائيندي ڏٺم، تڏھن ڇڪي ڇاتي سان لاٿم، سڏڪن ۾ پئجي ويو، پڇيومانس ھي ڇا آھي سُرو، ڇا لاء ويٺو روئين
اھڙي ڪھڙي ڳالھ ٿي آھي، مونکان ڇڏائي پَرين
جي تڙ ڏانھن وٺي ڀڳو، مان سندس ناداني تي
حيران ٿي پويان ھليس، امر مونکي ننڊ نٿي اچي، مونکي ساھ ۾ مونجھارو ٿو ٿيئي، ماني
زھر ٿي لڳي، اگر ھن مونسان نه ڳالھايو ته مان
پَرين جي تڙ تي خودڪشي ڪري ڇڏيندم،
مونکي ھو ڪمري جي ڀتين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي،
سوَڙ جي اندر ٻاھر، اڱڻ ۾ لوڙھي ۾، وٿاڻ ۾، ٻڪرين ۾، چپ ٿيندي.. ٻڪرين ۾ نه وات ۾ اچي ويو باڪي ھر جگھ تي اھا ئي اھا نظر اچي ٿي..! ڪير ٿي نظر اچي ٻڌا ته کڻي ڀلا...
ھو ئي ٻن چوٽين واري ڇوري..“ ڪھڙي ميگھا.؟
ھا اھا ئي، پو روئي ڇا لاء ويٺو رنن وانگي، ھل مان چوندس ان کي تنهنجي باري ۾،.. جي راضي نه ٿي پوء؟.. منهنجو ضمو آھي توکي مھيني اڌ ۾ ھتي ئي پَرين جي تڙ تي ملائيندس.
پرومس.؟؟.. ھا ڙي پڪو پرومس..!
.
سُرو پاڻي مان ڪنڌ ڪڍيو ته مون مٿان نظر پيس، ڏند ٽڙي پيس، پھچي وئين شيطان جا پي، ھا پھچي ويس ۽ ھاڻي نڪر پوتڙي سوڌو
ٻاھر ته ڳوٺ جون مايون ڄنڊا پٽين تنهنجا...
ٻيلي نانگي شاھ کي مڃ اھو ويل متان ڪرين،
اڃان ٽيو ڏيهن ھڪ ڪراڙي جٺ ڪئي اٿم..
اھو ڪيئن، مون دلچسپي مان پڇيومانس..
اھو ھيئن جو ٽيو ڏيھن ڪڻڪ جي جھار تان
موٽيس پي، سانجھ ٿي چڪي ھئي، پوتڙو به
گڏ نه ھيو، سوچيم آھي ڪير ڪون ايئن ٿو
وھنجي وٺان، سو جئي رام ڪري لٿس واٽر ۾..
پر ڪا ڦٽي ھئي، منهنجو به اگھاڙو ٿي ٻاھر
نڪرڻ ۽ ڪاڪي ڪستوري جو به پھچڻ،.
وڃ ابا پوء جيڪي مائي مونکي گاريون ڏنيون
ڇا ٻڌايان، چيائين مون پوڙھي کي ڏيکارڻ ۾ ڪو فائدو ڪون ٿيندو وڃي پڻھين کي ڏيکار
ته شادي ڪنئي، بيشرم ڇوڪرا ڇڪي ڇڪي وڏا ڪندا ٿا وڃو نه حياءُ نه ادب، بس يار جتان نڪتو ھئس اتان ئي واپس پي وڌائين مونکي پر رام جي ڪرپا جو ڪير ٻيو ٻڌڻ وارو نه ھيو.
آئون کلي کلي ساڻو ٿي پيو ھيس، جو مونسان
به ڪاڪي ڪستوري ھڪ پٽي ڪئي ھئي پر
مان به ڪنهن کي ڪجھ نه ٻڌايو، ۽ ھون به ڪاڪي وٽ گارين جي پي ايڇ ڊي ھئي، جيڪو آيو ان کي ڌوئي ڇڏيندي ھئي ڳوٺ جا وڏا به سندس نظرانداز ڪري ڇڏيندا ھيا، پر ھڪ ڳالھ ھيس اجايو ۽ اڳرائي ڪري ڪنهن کي ڪجھ نه چوندي ھئي، باقي سُرو جيان جيڪو ڦاٿو سو ڪم کان ويو.. سُرو ڪپڙا گھريا ته مون پرتي اڇلي ڇڏيا، ٻيلي امر ڏاھو
ٿي مان ڪا گوپي ناھيان جو تون ڪرشن واريون حرڪتون ويٺو ڪرين.. چيومانس
ڪاڪي ڏٺو باقي اسان ڏوھ ڪيو آ.؟؟
پوتڙي جي ڳنڍ ۾ ھٿ وڌائين جيسين مان ڪپڙا
اڇلائي ڏنامانس جو پڪ ھئي دير نه ڪندو، ۽ ھون به ننڍپڻ ۾ اڪثر ٻئي اگھاڙا ئي وھنجدا ھياسين، ڪڏھن ٻين ٻارن سان گڏجي ڪندرو ڪندرو ۽ ٻڪري جي ڦينڱڻي ڳولھڻ واري راند
به ڪندا ھياسين. جون جي گرمين ۾ اسڪول
جون موڪلون ڄڻ اسان جون موجون ھيون،
ڪڏھن واھ جي ڪپن تي سنڌي ٻيرن کي ڀترن
سان ڇاڻي کائڻ ته ڪڏھن مٺن گيدوڙن جون
ٽاريون پٽي گيدوڙا کائڻ، گيدوڙا جيترا مٺا لڳندا ھيا اوترو ئي انهن جو رس جيڪو ھٿن جي آنڱرين ۽ چپن کي چنبڙي پوندو ھيو، ڏکيو لڳندو ھيو، حالانڪه پڪل نموريون ان جي ڀيٽ ۾ آسان ھونديون آھن..!
سُرو ڪپڙا پائي مونکي ڀاڪر ڀريو ۽ ٻنهي
ڳلن تي چميون ڏنيون ۽ ھڪ پنهنجي پتي جي
۽ ٻي ڪشش جي پتي جي، اھو ان ڪري به جو
آئون به سدائين سندس جي ڳلن ته ٻه چميون
ڏيندو ھيس ھڪ منهنجي ۽ ٻي ميگھا جي پتي جي جنهن جي اڌ ڪھاڻي مٿي بيان ڪئي اٿم..
چيم تنهنجا کيسا چيڪ ڪيم پر پئيسا ته ڪونه نڪتا کُٽي ويو آھين ڇا مونکي تنهنجي
چانھ به پيئڻي ھئي، اڙي حڪم ڪر امر.. پئيسا کوڙ ايئن چئي ٿورو پرڀَرو ڊڀن جي ٻوڙي مان
ھٿ وجھي ٻٽون ڪڍيائين... چيم وڏو بشني آھين... اڙي بشني مان ناھيان ماڻھون آھن واٽر
جو بند وڏو آ ڪوئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي ته ڪير ويو کيسو ٻھاري..
سُرو پوتڙو نپوڙي ڇنڍيو ۽ ڪلھن تي رکي چيائين ھاڻ ھلجي، چيم ھا ھل ھلون..
رستي ۾ کوڙ ڳالھيون ڪيوسين، نار تي ڳوٺ
جون ھٺيليون شام جي سيدي ۽ گھر لاء گھڙا
ڀري رھيون ھيون، مون مٿان مرڪون اڇلي پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳيون، پڪ سان ڪشش کي
ساري رھيون ھونديون، جيڪا مونکي اڪثر
پنهنجي گھڙي مان پاڻي پياريندي ھئي پاڻي جا
ڇنڍا مون مٿان اڏائيندي ھئي، ۽ گھڙي کي ڪڇ تي رکي مون ڀرسان بيھ چوندي ھئي ڏسو ڀلا اسان جي جوڙي ڪيئن ٿي لڳي، تڏھن سندس سھيليون منهنجي کاڏي کي آنڱرين جي وچ ۾ آڻي نظر ڀڃڻ جو سنوڻ ڪنديون ھيون ۽ ڪي پري بيٺل ئي ٻنهي ھٿن سان سان پنهنجيون مٺيون بند ڪري مٿي تي ڪنن وٽ آڻي زور ڏئي نظر نه لڳڻ جون دعائون ڏينديون ھيون.
مان مُرڪ جي بدلي مرڪ آڇي اڳتي وڌي آيس،
ڳوٺ جي مين شروعاتي چوڪ تي ديانند جي
پراڻي ھٽ جيڪا چون ٿا واڻيا ڏئي ويا سا
گولي جي روشني سان ٻري پئي، ان اڳيان سومري ميگھواڙ جي رکيل ڪاٺ جي صندوق
جنهن ۾ سومري جو ڪاريگري جو سامان پيل
ھوندو آ تنهن کي سنگھر سان تالو ٻيڙيل ھيو،
سومرو اڪثر احساس ڪمتري جون ڳالھيون
ڪندو ھيو ته اسان ميگھواڙن جي ڪا زندگي
ناھي اسان ھي نيچ ڌنڌو ٿا ڪيون تڏھن سومري کي چانھ پياري پوء پاڻ پئيندو ھيم،
چوندوھيومانس سومرا ھنر ۽ ڪاريگري ڪڏھن به نيچ ناھن ھوندا ھر ماڻھون پنهنجو جوتو پاڻ به ڳنڍيندو آھي پنهنجي پر ۾ سڀ اھا ڪرت ڪن ٿا پر تون عظيم آھين سڀ تنهنجي انتظار
۾ ويٺا ھوندا آھن ۽ ڳنڍڻ وارو ڪيئن نيچ ٿيو، ھن سنسار ۾ رڳو ڇنڻ وارا ئي آھن تون ته ڳنڍڻ وارو ڌرم ٿو رکين جيڪي ڪمپنيون ٺاھن ٿيون
اھي به ڳنڍين ٿيون جن کي اسان وري رپيئر چئي عزت بخشيون ٿا، باقي ھاڻي تنهنجا زات
واسي وڏا وڪيل، وڏا ڊاڪٽر، وڏا ماستر ۽ آڪسفورڊ تائين پنهنجي مڃتا قائم ڪري ويا اٿئي، تڏھن چوندو ھيو اھا آڪفورڊ ڪھڙي
بلا آھي.. کلي چوندو ھيم تون ڇڏ بس چمي
ڏي ته مان وڃان تڏھن منهنجي نراڙ تي
سندس چمي سان پيار پوکي ڇڏيندو ھيو..
سُرو کي چيم تون گھر ھل مان ديانند سان
ملي گھر ٿو ھلان، رات چاچي نبو واري شيش محل تي ملنداسين... سُرو کي روانو ڪري مان
ديانند جي پيرن تي ھٿ رکيا.. گول وڏي چشمي
سان چتائي ڏٺائين.. پوئي ٻکن ۾ ڀري خوشي
مان ڀرجي ويو.. مان سندس جي دوست جو
پٽ ھيس.. ڏاڍو ڀائيندو ھيو ننڍپڻ کان وٺي..
پٽ وڏي ڄمار ماڻين ھاڻي پيو اچين ڇا شھر مان.؟؟ جي چاچا ھاڻي ئي پھتو آھيان سوچيم توھان سان ملي پوء گھر وڃان.. جيئندو رھين شل.. ڀلي گھر ھل ۽ بابي کي سلام چئجانس منهنجا.. جي چاچا ضرور.. گھٽي ۾ ڪن ڪن لوڙھن مٿان سارين جي پلال پکيڙيل ھئي ته
ڪن مٿان ڪمند جي سڪل پٽاء.. گھرن منجھ
مٽي جي ڏيئن ۽ گولن جو ٻرڻ شروع ٿي چڪو ھيو.. مان تڪڙو تڪڙو گھر جي کڙاءُ تي پھچي
امان کي سڏ ڪيم.. پر بابو نڪري آيو.. پيرين
پئي مليومانس.. اندر ھلڻ جو چئي پاڻ کڙاءُ جي ڍينگر ۾ ھٿ وڌا امان سامھون اڱڻ ۾ مون ڏانهن آئي پي مان ڊوڙ پائي وڃي ڀاڪر ڀريو مانس.. چمين سان منهنجون اکيون نڪ ڪن نراڙ سڀ آلا ڪري ڇڏيائين.. مون به امان کان
پلاند ورتو ته چيائين شرم ڪر ھاڻ جواڻ جماڻ آھين زال کي ڏجان اھي چميون.. چيومانس زال لاء به کوڙ چميون پر ھي مٺي امڙ جون آھن.
ٺيڪ ٺيڪ بيشرما.. ھائي ڪپڙا مٽائي ته منهنجي ٻچڙي کي کير واري چانھ ٺاھي پياريان جي امڙ اجھو ٿو وھنجي وٺان.. پري کان بابا رڙ ڪئي ٻچڙي سان گڏ ھن جو پي ياد اچي ته اڌ ڪوپ ھن لاء به ٺاھي وٺجان.. امان ۽ مان کل ۾ پئجي وياسين.. مان تڪڙو تڪڙو دلا رکڻ واري مٽي جي ٺھيل ٿلھي تان وڏ مٽ کڻي وھنجڻ واري جاء ۾ رکيل وڏي تڳاري ۾ لاھي
آيس ۽ جلدي وھنجڻ لاء ھليو ويس جو مونکي
اڃان ڪشش لاء نياپو به موڪلڻو ھيو..!
جئي پرڪاش ساگر
ھلندڙ...
Previous Next
Views: [2]
Rating: [+0/-0]
0Comments:
No Comments...
Online: 0 & 22