Padmavati Movie Issue
Avatar
* Padmavati Movie Issue
22 Nov 2017 - 16:09
ڇا پدماوتي رليز ٿيندي ؟
يوسف خشڪ .
هندستان جي رياست چتوڙ جي راڻي پدماوتي تي فلم ٺاهيندڙ سنجي ليلا ڀنسالي جيئن ئي فلم جي شوٽئگ شروع ڪئي تہ ان جي لاء ڏکيائون وڌنديون رهيون انتهاپسندن کيس ڌمڪيون پڻ ڏيون تہ فلم جي شوٽينگ بند ڪر مٿس حملا پڻ ڪيا ويا پر هن فلم جي شوٽينگ جاري رکي
فلم ۾ چتوڙ جي راڻي پدماوتي جو ڪردار ڊپيڪا پڊڪون ادا ڪيو آهي فلم پهرين ڊسمبر تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو فلم رليز ٿيڻ جي جيئن ئي تاريخ طئي ٿي آهي تہ انتهاپسندن فلم خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ڪري ڇڏيا چتوڙ جو قلعو پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي پهرين ڊسمبر تي فلم رليز ٿيڻ جي ڏينهن انڊيا ۾ هڙتال ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو هو انتهاپسندن جي تنظيم شري راجپوت ڪرني سينا پاران فلم رليز ٿيڻ جي صورت ۾ سنجي ليلا ڀنسالي کي جان کان مارڻ ۽ مٿس پنج ڪروڙ رپيا انعام ۽ دپيڪا پڊڪون جو نڪ وڌڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
انتهاپسندن جي چوڻ موجب تہ فلم ۾ راڻي پدمني ۽ علادين خلجي ۾ محبت جو تعلق ڏيکاريو ويو آهي جيڪو تاريخ سان ناانصافي آهي راڻي پدمني علادين خلجي وچ ۾ محبت جو لاڳاپو نہ هو ، هن علادين کان سان جنگ ڪندي پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوء هن پنهنجي پاڻ کي باھ ۾ وجهي جوهر ڪيو هو فلم ۾ راڻي پدماوتي جي ڪردار جي غلط عڪاسي ڪئي وئي آهي ،
راڻي پدمني جي خاندان جي فردن پڻ فلم خلاف ٿيندڙ احتجاجن کي جائز چيو آهي . ڀارتي سينسر پورڊ بہ فلم جا مڪمل دستاويز نہ ملڻ جي ڪري پدماوتي کي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي . سنجي ليلا ڀنسالي راجپوت سڀا ايسوسيشن کي لکت ۾ خط لکي يقين ڏياريو آهي تہ فلم ۾ راڻي پدماوتي ۽ علادين خلجي وچ ۾ ڪو بہ تعلق يا رومانس نہ ڏيکاريو ويو آهي . اوهان فلم ڏسندؤ تہ توهان سڀني راجپوتن کي ان تي فخر ٿيندو ، نيٺ .فلم جي رليز ٿيڻ تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي
هاڻي ڏسجي تہ فلم وري ڪهڙي تاريخ تي رليز ٿئي ٿي. يا وري انتهاپسندن کان ڊڄي انڊين حڪومت هن فلم تي بندش وجهي ٿي ڇڏي
علادين خلجي جيڪو سنڌ تي چنيسر سومري جي چرچ تي پڻ ڪاهي آيو سنڌ جي حاڪم دودي سومري تي شرط رکيائين تہ تخت چنيسر حوالي ڪر پنهنجي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ منهنجي حوالي ڪر دودي پاران انڪار تي جنگ لڳي جنهن ۾ دودو سومرو جنگ ڪري شهيد ٿي ويو ۽ سندس ڀيڻ ٻآگهي ٻين عورتن کي ساڻ ڪري ابڙي وٽ سام ٿي پهتي ابڙو پڻ سامن جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو مختلف ليکڪن موجب تہ ٻاگهي عورتن کي گڏ ڪري مرداڻا ڪپڙا ۽ پٽڪا پاري علادين خلجي سان جنگ ڪئي ڪي وي چون ٿا ٻاگهي ٻين عورتن سان گڏ زمين ۾ جيئري وئي هلي
ٿي سگهي ٿو پدماوتي تي پڻ مختلف تاريخون هجن جيڪي فلم ۾ نہ ڏيکاريون ويون آهن ائين بہ چيو وڃي ٿو تہ راڻي پدماوتي جي مڙس راڻي کي هڪ رات لاء شادي ڪرائي علادين خلجي ڏانهن موڪليو هو ان ۾ ڪيتري صداقت آهي ان جي خبر ناهي اڪثر ڪري فاتح پنهنجي فيور ۾ تاريخون لکرائيندا آهن جيئن چچ نامي ۾ سنڌ جي راجا کي بدنام ڪرڻ لاء ڀيڻ سان شادي ڪندي ڏيکاريو آهي ٿي سگهي ٿو علادين خلجي راڻي پدماوتي ۽ سندس مڙس کي بدنام ڪرڻ لاء اهڙي تاريخ لکائي هجي
پر ان لاء انتهاپسندن کي ڪو حق ناهي جو هو فلم جي اداڪار جو نڪ ڪپڻ ۽ ڊاريڪٽر کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏين . جيڪڏهن فلم ۾ ڪا غلط تاريخ ڏيکاري وئي آهي تہ ان لاء سينسر بورڊ ۽ حڪومت آهي انتهاپسندن کي ڪو حق ناهي جو جو نڪ ڪپڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏين انتهاپسند مذهب جو نالو وٺي هر پنهنجي.جائز ناجائز ڳالھ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن ۽ حڪومتون پڻ انهن اڳيان گوڏا کوڙي ٿيون ڇڏين
Previous Next
Views: [5]
Rating: [+0/-0]
0Comments:
No Comments...
Online: 0 & 45