Topic - شيخ اياز جي شاعريءَ | Last Page

شيخ اياز جي شاعريءَ
اُٿ ته ٻاهر ڏسون ڇا نه گهمسان آ!
يا ته برسات آ يا ته طوفان آ!
هي اُتر يا ڏکڻ ڪيئن ٿا گڏ گُهلن؟
ڇا نه امڪان آ! ڇا نه امڪان آ!
ظلم مغرور آ ظلم مسرور آ
نيٺ مفرور آ نيٺ نادان آ!
قهر آ شهر آ؟ يا رڳو زهر آ؟
رات جو پهر آ چنڊ حيران آ!
اي اياز اڄ ٽري يا سڀاڻي ٽري
وقت قاتل جيئان ڪوئي مهمان آ!
شيخ اياز

Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Last edited REHAN - 6 Oct 2021, 13:07
Latest Activity: 6 Jan 2024, 17:38
Comments 20
مون کي هزارين ڪتابن جي مطالعي مان اُها خوشي نہ ٿي جا هڪ ٻڍڙي هارياڻيءَ جي گهنج گهنج منهن تي ڦهليل مُرڪ ڏسي ملي..!
شيخ اياز
6 Oct 2021, 13:07
0
هو جي سڙن ٿا تنهنجي ڏات کي ڏسي،
ڄڻ هو وڙهن ٿا، سيڙهيون رکي سج سان
………اياز
6 Oct 2021, 13:07
0

12
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Subscribe to Sindhi Channel YouTube
Watch latest HD Sindhi Content