شيخ اياز جي شاعريءَ
اُٿ ته ٻاهر ڏسون ڇا نه گهمسان آ!
يا ته برسات آ يا ته طوفان آ!
هي اُتر يا ڏکڻ ڪيئن ٿا گڏ گُهلن؟
ڇا نه امڪان آ! ڇا نه امڪان آ!
ظلم مغرور آ ظلم مسرور آ
نيٺ مفرور آ نيٺ نادان آ!
قهر آ شهر آ؟ يا رڳو زهر آ؟
رات جو پهر آ چنڊ حيران آ!
اي اياز اڄ ٽري يا سڀاڻي ٽري
وقت قاتل جيئان ڪوئي مهمان آ!
شيخ اياز
Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone
Topic Files
Comments 18
Actions
ھوا گھلي ٿي اڃا چڳن ۾, اُڏار آھي بھار آھي
اڃا تہ جھمي پيو صنوبر, ٽِڙي پيو ديو دار آھي
اڃان پياريون اچن وڃن ٿيون , محبتون مرڪ کي مڃن ٿيون
اڃا ٿيو ناھي جام خالي , اڃا اکين ۾ خمار آھي
اڃا گل شبنمي پيالون , ڀري پيون ٿا اڃا جيون ٿا
اڃا جواني وئي نہ آھي ,اڃا مئي ۾ خمار آھي
اڃا محبت مُئي نہ آھي , سڳو بہ آھي سئي بہ آھي
اڃا تہ ياري ڪشيده ڪاري , نئين اڻت جيئن پيار آھي
اڃا گھٽائون اچن وڃن ٿيون , اڃا بہ ساوڻ ھلي رھيو آ
اڃا تہ بوندون وسن پيون , دل اڳي جيان آبشار آھي
اڃا اکين ۾ گُليل آھي , اڃا ھوا ۾ پکي چُٽي ٿي
گناھگارو ائين نہ سمجھو , تہ ھيل پرھيزگار آھي.
شيخ اياز

25 May 2023, 22:16

0
Actions
بي موت مُئا، تولاءِ ڪُٺا، انسانَ هزارين مان نه رڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس! هيا، نادان هزارين مان نه رڳو.
جي راههِ اَجل ڪنهن وَرتِي آ، هن ڀُونءِ ڪئي ٻي ڀَرتي آ،
هيءَ ڌرتي توکي پَرتِي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.
اَک ساري رات نه جهَپڪي آ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪِي آ،
جي باکَ گهُري ٿي، بَکُ ته، اي زندان! هزارين مان نه رڳو.
ٿو ساري ڪوبه نه سُڃَ مئا، هو رڃ- مُئا جي اُڃ- مُئا،
ڇا پاپي پرکي پُڃ- مُئا، ارمان هزارين مان نه رڳو.
ڇو چنڊ اسان کي رات- ٺري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري؟
آ ڪيڏو پويون پَهر پري! حيران هزارين مان نه رڳو.
تون چئه نه ڪُڇان، تون چئه نه لُڇان، پر توکان هڪڙي ڳالهه پُڇان؟
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.
هي دور “اياز” گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
ڪو ٻارَڻُ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪانَ هزارين مان نه رڳو.
8 May 2023, 01:21

گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.
جئن جئن جاڙَ وڌي ٿي جڳَ ۾
هُو ٻوليءَ جي آڙَ ڇُپن ٿا،
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا
موٽي منجهه پهاڙَ ڇُپن ٿا؛
ڪيڏي تِرڇي تاڙ رکن ٿا
اُتر اوڀري لاڙَ ڇُپن ٿا،
سانوڻَ سَنگِ وسن ٿا ڏاڍو،
بادل ٿي آکاڙَ ڇُپن ٿا.
ڪالهه هُيا جي سُرخ گُلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن؛
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
6 Oct 2021, 13:15
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.
جئن جئن جاڙَ وڌي ٿي جڳَ ۾
هُو ٻوليءَ جي آڙَ ڇُپن ٿا،
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا
موٽي منجهه پهاڙَ ڇُپن ٿا؛
ڪيڏي تِرڇي تاڙ رکن ٿا
اُتر اوڀري لاڙَ ڇُپن ٿا،
سانوڻَ سَنگِ وسن ٿا ڏاڍو،
بادل ٿي آکاڙَ ڇُپن ٿا.
ڪالهه هُيا جي سُرخ گُلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن؛
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
0
Actions
جوت ٻَرندي رهي
رات ٽَرندي رهي...
باکَ جي ساکَ مان اڄ ڏَئي ٿو وڃان!
اڄ چئي ٿو وڃان
”سِجُّ لالاڻ سان
”مَڌُّ ريٽي جيان
”نيٺ سنڌوءَ مٿان
”اُڀرندو ساٿيو!“ مان چئي ٿو وڃان،
باک جي ساک مان اڄ ڏئي ٿو وڃان.
هانءُ هاريو متان!
پيرُ اڳتي اڃان.....
نيرُ نيڻان اُگهو
پنڌ ويجهو پيو آهه اُن باک جو،
گيت منهنجي ڪَئي
آهي جا اڳڪٿي
تنهن انوکيءَ صدا جي سچيَ ساک جو۔
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
6 Oct 2021, 13:15
رات ٽَرندي رهي...
باکَ جي ساکَ مان اڄ ڏَئي ٿو وڃان!
اڄ چئي ٿو وڃان
”سِجُّ لالاڻ سان
”مَڌُّ ريٽي جيان
”نيٺ سنڌوءَ مٿان
”اُڀرندو ساٿيو!“ مان چئي ٿو وڃان،
باک جي ساک مان اڄ ڏئي ٿو وڃان.
هانءُ هاريو متان!
پيرُ اڳتي اڃان.....
نيرُ نيڻان اُگهو
پنڌ ويجهو پيو آهه اُن باک جو،
گيت منهنجي ڪَئي
آهي جا اڳڪٿي
تنهن انوکيءَ صدا جي سچيَ ساک جو۔
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
0
Actions
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ،
ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،
زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.
چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،
ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
6 Oct 2021, 13:15
انقلاب اچڻو آ،
ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،
زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.
چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،
ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
0
Actions
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ،
ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،
زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.
چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،
ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
6 Oct 2021, 13:08
انقلاب اچڻو آ،
ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،
زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.
چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،
ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.
*ایاز سائین* (شیخ ایاز)
0
Sorry, comments are not available for you
Back