Topic - شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح | Last Page

شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح
رات وئي صبح ٿي پکین کولیاپَکَ۰۰۰،
ڪِن میڙیا ماڻڪ موتي ڪِن میڙیا ڪَک۰۰۰،
ملیا انھن کي لَکَ جن امید نہ لاٿي اللہ مان ،
(شاھ عبدالطیف ڀٽائي)


Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Comments 114
‏ڏُونگَـرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
"پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نه پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنهِنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
(سُر ڪوهياري ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي)
6 Oct 2021, 12:57
0
سرمون سفيدي جو، جڏھن پاتو جن،
تڏھن ڏٺي تن، اڇائي عالم ۾.
(شاھ)
6 Oct 2021, 12:57
0
نَيڻَ نه نِنڊُون ڪَنِ، ڀَڳو آرِسُ اَکِيَين
اُجهامِيو ٻَرَنِ، توکي سارِيو سُپِرِين.
شاھ لطيف
6 Oct 2021, 12:57
0
ٿَرِ ٿُوھَرِ گَھرِ جُھوپِڙا ، ٻارَڻِ جنيئن ٻُوھَ ،
وٺا مِينھَن ملير تي ، ٽھڪي نڪتا ٽُوھَ،
رات بُہ مُنھِنجي رُوحَ ، سُتي سانگي ساريا.
(شــــــــــــاھ)
6 Oct 2021, 12:57
0
اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.
مرشد لطيف
6 Oct 2021, 12:57
0
اکين ۾ ٿي ويهه، ته توکي واري ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيهه، نڪي آءُ پسان ڪي ٻيو
--------------
”جيئن کوڙي کنيون هُئي، تيئن وري به کوڙ
اها عادت اکين جي نيئن نڀائج توڙ
مون ۾ عيب ڪروڙ، تو ۾ حرف مَ ڀايان هڪڙو
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
6 Oct 2021, 12:56
0

1567
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Visit my Website Rehmatullah
Web Designer - Photographer - Videographer


Online Users
All
Advertisment