No Artist
-
No Song
0:00
0:00
0
From
0
No Song
No Artist
Topic - Chai (Tea)
Authorization
Login
Forgot Password?
Registration
Site Sections
Downloads
News
Blogs
Guestbook
Music
Photos
Videos
Communities
Users
Forum
Games
Version: web
Language: RU
© geopak.mobi - 2025
REHAN
8 Oct 2021, 12:50
Chai (Tea)
.“چانھ جو استعمال ڪئين ۽ ڪڏھن کان ٿيو…!؟“
چانھ جي پوک جي شروعات سڀ کان پھريون چين ۾ ٿئي جيڪا 2737 ق.م کان چئي وڃي ٿي.
چانھ جي شروعات ڪئين ٿئي…!؟
چين جو بادشاھ “شين ننگ“ کي جڏھن اندر جي صفائيءَ جو جنون ٿيندو ھيو تہ ھي پاڻي کي گرم ڪرائي پيئندو ھيو پر ھڪ دفعو ڇا ٿيو…!؟
جنھن جاءَ تي پاڻي گرم ڪيو پيو وڃي اتي کليل آبھواءَ تي ڪجھ ٻوٽا ھيا ائين ھواءَ تي ڇڻندي ان گرم ٿيندڙ پاڻي ۾ پئجي ويا ۽ ڪڙھندا رھيا.
جڏھن اھو گرم پاڻي ڇاڻي بادشاھ “شين ننگ“ کي ڏنو ويو تہ تازگي محسوس ٿئي.
بادشاھ معلوم ڪيو تہ معمول مطابق گرم پاڻي پيئڻ سان ڪا بہ تازگي محسوس نہ ٿيندي آھي اڄ ڪھڙو سبب آھي جو گرم پاڻي پيئڻ سان مان پاڻ کي چست ٿو سمجھان ۽ تازگيءَ جو جزبو محسوس ٿو ٿئي.
جڏھن پاڻي گرم ڪندڙ کان معلوم ڪيو ويو تہ ان ٻڌايو.
اي بادشاھ سلامت…!
جنھن جاءَ تي پاڻي گرم ڪيو پيو وڃي اتي چانھ جا ٻوٽا ھيا ان جا ڪجھ پتا ڪري پاڻيءَ ۾ پيا جيڪي پاڻيءَ سسن گڏ ڪڙھندا رھيا ٿي سگھي ٿو ان جو اھو اثر ھجي.
چانھ جو مشھور ٿيڻ پيئڻ جو زور وٺڻ ان ڏينھن کان بعد مشھور ٿيو جيڪو روز بہ روز وڌندو ٿو وڃي.
مھاتما ٻڌ جڏھن ڌيان گيان کان واپس موٽيو تہ پاڻ سان گڏ چانھ ۽ ان جو ٻج کڻي آيو ان کان بعد انڊيا ۾ چانھ جي پوک شروع ٿئي.
يورپ ۾ چانھ 1559ع ڌاري پھتي ۽ 1664ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ چانھ جو ھڪ سير کن انگلينڊ جي بادشاھ چارلس اا ڏانھن تحفو ڪري موڪليو.
ان کان بعد انگلينڊ ۾ چانھ پيئڻ جو فيشن ٿي ويو ۽ موجود دور ۾ مڪمل آدم شماريءَ جو ٽيون حصو کان وڌيڪ چانھ پيئندڙن جو آھي.
ھندستان ۾ چانھ جي پيداوار گھڻي “آسام“ ۾ ٿيندي آھي سريلنڪا ۾ چانھ جي پوک ويجھڙائيءَ ۾ شروع ٿي آھي ۽ برما ۾ بہ چانھ جي پوک گھڻي ٿئي ٿي.
چانھ پيئڻ جا نقصان ڪھڙا آھن…!؟
1.ٽين:- ھي کار جھڙو ذھريلو جزو آھي جيڪو ٿوري دير لاءَ پيئندڙ کي تازو توانو ۽ چست تہ ڪري ٿو پر ذھن کي وري سست ڪري ٿو ڇڏي وري وڏي ڳالھ تہ جيڪڏھن اھو جزو نہ ملايو وڃي تہ چانھ پيئڻ جو ڪو بہ لطف نہ آھي.
2. ٽئنن:- ھي بہ ھڪ زھريلو جزو آھي جيڪو % 15 چانھ مان حاصل ٿئي ٿو پر اھو جزو معدي ۾ ھاضمي جي رس کي بگاڙي ٿو جنھن جي ڪري ھاضمو خراب ٿئي ٿو.
ان کان سواءَ چانھ ڪافور وانگر اڏامندڙ تيل جو ھڪ قسم بہ موجود آھي جيڪو چانھ ۾ خوشبوءَ پيدا ڪندو آھي اھو ٿوري وقت لاءَ چست ڪندو آھي.
جڏھن ٿوري دير کان بعد جسم چست ٿيڻ گھٽائي ڇڏيندو آھي بک ۽ ننڊ وڃائي ڇڏيندو آھي گردن کي ڊلو ڪندو آھي پيشاب وڌائيندو آھي مغز جي پڙدن کي خشڪ ڪندو آھي ھاضمو خراب بہ ڪندو آھي.
چانھ %3.25 ۽ ڪافي %4.50 سيڪڙو انسان جي جسم ۾ يورڪ ايسڊ پيدا ڪندو آھي.
چانھ جي گھڻي واپرائڻ سان مٿي ۾ سور وائي سور مغز موڳو ننڊ ۾ خلل دم ڪشي اکين جون خرابيون پيشاب ۾ پٿري ۽ ذيابطيس جھڙيون بيماريون پيدا ٿي سگھن ٿيون ۽ اھي انسان لاءَ ھاڃيڪار آھن
(
حوالو ڪتاب انسائڪلو پيڊيا جلد نمبر چوٿون صفحو 129
Subsection:
General Knowledge
Section:
Student Zone
Topic Files
Last edited
REHAN
- 8 Oct 2021, 12:50
Latest Activity: 8 Oct 2021, 12:50
1
0
0
Comments
0
No comments yet
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement
Subscribe to Sindhi Channel YouTube
Watch latest HD Sindhi Content
Users Online
GeoBot
07:01
Smarty
07:01
TurgutKhan
07:01
All
Interesting Blogs
Zaheer
11 Mar 2025, 14:26
Xiaomi Introduce new magnet Camera Lens
Tech
0
1
0
0
0
Zaheer
11 Mar 2025, 01:32
The hardware features of the Galaxy S26 ...
Smartphones
0
1
0
0
0
Zaheer
9 Mar 2025, 20:26
Scientist Develop AI System that convert ...
Tech
0
1
0
0
0
All
Advertisment