Topic - Sindhi Ghazals
Authorization
Site Sections
Downloads News Blogs Guestbook Music Photos Videos Communities Users Forum Games
© geopak.mobi - 2023

Sindhi Ghazals

مون پارا تنهنجا گهورا توکي وسري ويا هوندا
گهاريَل پنهنجا ڏينهن بہ ٿورا توکي وسري ويا هوندا

مهڪيل پل ڪي پيار جا مٺڙا ۽ قول قرار ماضي جا
سي واعدا سائين سمورا توکي وسري ويا هوندا

پٽ پُراڻا ۽ خواب نِماڻا سارا وسري ويا هوندئي
۽ منهنجي ٻانهن جا هندورا توکي وسري ويا هوندا

واسيَل ساھ سمورا چاھ چِٺيون سي خالي خالي
آس چِٽيَل ڪي ڪاغذ ڪورا توکي وسري ويا هوندا

Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Last edited REHAN - 22 May 2023, 22:51
Latest Activity: 25 May 2023, 12:21
Comments 3
اسان جا درد۔ ۔ ھي دلبر دلاسن کان مٿي آھن ،
ڏنل ھي سور ۔ سڄڻن جا حواسن کان مٿي آھن ۔

ٽٽل آھن سڀئي سپنا ۽ پيرن ۾ لڦون ۔ ۔ ڪيئي ،
گلن م خار ڏس ڪيڏا۔ هِي واسن کان مٿي آھن ۔

اھي گيڙو رتل ڪپڙا ڪيا ورھين کان جيڪي مون ،
اهي ڪنھن شادمانن جي لباسن کان مٿي آھن ۔

ڏنا دلبر جيڪي دوکا ڪونھي ڪاٿو ڪوئي تن جو ،
اهي ڪنھن مالدارن جي اثاثن کان مٿي ۔ آھن۔

ڪِري ڳوڙھا پڇن ٿا پيا ڪيو آ ڏوھ اسان ڪھڙو ،
چيم ۔ اڌما اندر جا ٿيا۔ قياسن کان مٿي آھن ۔

محبت ”ماڪ“ مونکي ڇو پيرين پيادل ھلايو آ ،
وڃڻ واري جا صدما سڀ خلاصن کان مٿي آھن ۔

ماڪ❤



25 May 2023, 12:21
0
خوشبو ھوائن ۾ سدا راڄ ڪنديون
محبتن جا ميلا بہ لڳندا تہ رھندا
سندر خواب پنھنجا اَمنَ لاء لٽايو
حُسن سان دلين جي ڌَڙڪن کي چمڪايو,
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو

جبل بہ جھانگيا , پربت بہ ناپيا
اھوائن جي دوش تي پنھنجا ٻيڙا رکو
سفر زندگي جو جيڪو بہ بچيو آ
ڇڏي زندگي جا مزا, جھنگل تانيو
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو

صليبن جون سختيون ڄڻ گلن جي ورکا
مليل ڦاھيون ڄڻ تہ ڳيچيء جو ھار بڻنيون
اڙري مقتل ڇو تون ۾ مھڪار آھي
قيدخانن کي صبر جو امتحان ٺاھيو
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو

عذابن سان انسان سَنگسار ٿيندا
ختم نفرتن جا تہ نہ اظھار ٿيندا
حياتي کي درددن جا درمان ٿيندا
پرواني جيان پنھنجي رفاقت وڌايو
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو
22 May 2023, 22:53
0
وڇوڙن کي من ڇو وِڇاري ڇڏيو تو آهي
اسان کي صفا يار وساري ڇڏيو تو آهي

پلڪن جي ڪنارن تان پِنبڻيَن سان پِئيڻ
مِٺي هن مَئي نوش کي سکاري ڇڏيو تو آھي

تنهنجي بِين جي سِين تي نہ ملندي ڪڏهن
منهنجي ڀَر ۾ حياتي کي وساري ڇڏيو تو آهي

۽ اکين ۾ سُرما بہ پائڻ لڳي آهين تون هاڻي
ڇا عشق کي ايڏو جلدي ماري ڇڏيو تو آهي

وري تمنا ان ئي احسِن سان ملڻ جي نہ ڪر
هو ڱذريل اَويلو لمحو هو گذاري ڇڏيو تو آھ
22 May 2023, 22:52
0
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Subscribe to Sindhi Channel YouTube
Watch latest HD Sindhi Content