Topic - اذان اویس

اذان اویس



اذان اويس پاڪستان طرفان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾سينچري اسڪور ڪندڙ چوڏھون رانديگر آھي.

خالد عباداللہ 1964 ۾ ان ڪارنامي جي شروعات ڪئي.

ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪندڙ اڳوڻن 13 رانديگرن مان يونس خان ۽ جاويد ميانداد جا ڪيريئر مثالي رھيا. يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو سڀني کان وڌيڪَ سينچريون ۽ رنسون ڪندڙ بيٽر آھي. جاويد ميانداد ملڪ جي ڪرڪيٽ اتهاس جو روشن ستارو آهي.

انھن کان سواءِ سليم ملڪ جو ڪيريئر بہ سٺو رھيو. اڪثر اھڙين مشعلن جي صورت آيا جو ڀڙڪي اجھاڻا تہ ٻيھار ٻري نہ سگھيا.

ياسر حميد پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻنھي اننگز ۾ سينچريون ھڻڻ جو رڪارڊ رکي ٿو. پاڪستان جو ٻيون ڪو بہ رانديگر ڊيبيو تي ٻہ سينچريون نہ ڪري سگھيو آھي. پر ياسر حميد جو ڪيريئر اتي ئي ٽاپ تي پهتو ۽ جيئن ٽٻي هنيائين تہ مٿي نڪري نہ سگھيو. پاڪستان طرفان ڊيبيو تي ٽاپ اسڪورر بہ ياسر حميد ئي آھي.

محمد وسيم، اظهر محمود، علي نقوي، توفيق عمر، فواد عالم، عمر اڪمل، عابد علي ۽ ڪامران غلام ڊيبيو تي سينچري ميڪرز آھن.

عابد علي جو ڪيريئر سٺو وڌي رھيو ھو پر دل جي تڪليف ھن جي اڳيان رڪاوٽ بڻجي بيهي رهي. توفيق عمر ۽ فواد عالم سليڪٽرن جي ور چڙهي ويا. ٻنھي کي ٽيم ۾ آڻڻ ۽ ڪڍڻ جو ھڪ ڊگھو سلسلو آھي. فواد عالم سان زيادتي جي ڪھاڻي گھڻي ڊگھي آھي.

ڪامران غلام منجھان سٺيون اميدون آهن. ساڳيون اميدون اذان اويس مان آھن. پر جيڪڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ جي انتظاميہ جي پسند ناپسند ۽ مٽي مائٽي واري اوگڻ جي ور نہ چڙھيا تہ اڳتي وڌي سگھن ٿا. نہ تہ جيئن ٻين سان ٿيندو رھيو، تيئن ھي پڻ ھڪ خيال ٿي، ٿڌو شوڪارو بڻجي رھجي ويندا.

Subsection: Sports
Section: General

Topic Files
Last edited Ali - 11 May 2026, 11:34
Latest Activity: 11 May 2026, 11:34
Comments 0
No comments yet
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

www.Pakweb.pro
Fastest News Updates Pakistani Website