Topic - شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح | 3 Page

شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح
رات وئي صبح ٿي پکین کولیاپَکَ۰۰۰،
ڪِن میڙیا ماڻڪ موتي ڪِن میڙیا ڪَک۰۰۰،
ملیا انھن کي لَکَ جن امید نہ لاٿي اللہ مان ،
(شاھ عبدالطیف ڀٽائي)


Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Comments 113
ٻاهـــر ٻولــي هنــج جي،
انـــدر ڪـــــارو ڪــــانءُ،
اهـــڙو ٺــلهـــــــــو ٿـــانءُ،
ڀنڃي ڇو نه ڀورا ڪجي.
شاه​
24 Apr 2023, 23:21
0
پوکڻي اٿئي ته پوک، نه ته ويندئي مند چڙهي، ​
پوءِ پاڻي ٿيندئي پونئرو سڪي ٿيندئي سوڪ، ​
جتي لڻندو سارو لوڪ اتي سڪندي هڪڙي سنگ لاءِ​
24 Apr 2023, 23:19
0
سَـرَ نـسـرِيـا پاندَ، اُتَــرَ لڳا، آءُ پِـرِيـن! ​
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون​
24 Apr 2023, 23:17
0
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
24 Apr 2023, 23:16
0
ڏيکارِيسِ ڏُکَنِ، گوندَرَ گَس پِرِينِ جو،
سنهائي سورِن،ڪي هيڪاندي هوت َسين
24 Apr 2023, 23:13
0

سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا،
جبلُ وڏو جو، نُوَڻ مڙوئي نينهن کي.
24 Apr 2023, 23:12
0
اَڄُ ملينديَس مَاءِ , ڌَاڄَا ڪَنديَس ڪَپڙا
جيجان جوڳياڻي ٿيان , مون جَهلَ مَ پاءِ
هوتَ ٻَروچَي لاءِ , ڪَنَين ڪُنَرَ پائيان.
24 Apr 2023, 23:12
0
ساريم رات سنگهار، ماروئڙا ملير جا،
لاڙيم لڙڪ لطيف چئي، لوئيءَ منجهان لار،
پکا ۽ پنهوار، ساريان ويٺي سومرا.​
24 Apr 2023, 23:11
0
جن ريءَ سري نه ساهه، رتي نه رسج تن کان،
هو جهيڙني، تون جهڪو ٿي،پاند ڳچي ڳل پاءِ،
پاڻ وڃي پرچاءِ، متان رٺوئي رهجي وڃين!
مرشد ڀٽ ڌڻي​


24 Apr 2023, 23:10
0
وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن،
سڄڻ ملندا سڄڻن سان نوان ٿيندا نيهن،
وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترو.​
24 Apr 2023, 23:09
0
تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهنجو تُـرَهو
اُونهي ۾ آڻي، ڪو نَه ڏيندُءِ ڪو ٻيو
24 Apr 2023, 23:09
0
کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.
24 Apr 2023, 23:09
0
اڄ پڻ عيد ٿيام، سامهان گڏيم سپرين،
دوست جي دل گهريا، محب سي مليام،
لٿا لڙ لطيف چئي، اکين اوجر ڪيام،
جي پرين پڇيام، سيئي اڱڻ آيا.​
24 Apr 2023, 23:08
0
جيهي جا تيهي ٻانهي ٻاروچل جي،
حجت هوت پنهون سين مون ڪميڻي ڪيهي،
هو جا پائن پير ۾ آئون تنهن جتي نه جيهي،
وساري ويهي، تن ڪيچين ڪيئن رهان!!
24 Apr 2023, 23:06
0
مُئي پڄاڻان ميت سين جيئن ڪن هندو
سا پرَ مون پرين ڪئي جيئري هن جهان ۾
24 Apr 2023, 23:05
0
اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، ته آئُون واري ڍَڪِيان؛ ​
توکي ڏِسي نه ڏيھُ، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو​
24 Apr 2023, 23:05
0
سَـڄَڻُ ۽ سـاڻيهه، ڪَنهِــن اَڻـــاسِيءَ وِســــري،
حيــــفُ تَنِين کـــي هوءِ، وَطُــــنُ جَـن وِساريو!؍
(شاھُ ڀٽائيؒ)
24 Apr 2023, 23:03
0
اڃان آس آريچن مان، مون نه پلي مور ،
جَت رولي جبل ۾، ويا ڏاگها ڪاهي ڏور،
لاڙي لڙڪ لطيف چئي،ٿڪا نماڻيءَ نور،
سرتيون مون کي سور، ڏينهان ڏينهن ڏيرن جو.
24 Apr 2023, 23:00
0

123457
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Subscribe to Sindhi Channel YouTube
Watch latest HD Sindhi Content


Online Users
All