Topic - شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح | 4 Page

شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح
رات وئي صبح ٿي پکین کولیاپَکَ۰۰۰،
ڪِن میڙیا ماڻڪ موتي ڪِن میڙیا ڪَک۰۰۰،
ملیا انھن کي لَکَ جن امید نہ لاٿي اللہ مان ،
(شاھ عبدالطیف ڀٽائي)


Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Comments 113
ڪي جو ڪَنهن پار، اکيون پَسي آئيون،
ٿيون ديوانيـــون دوســـت جو اَپــر لَڳن آر،
تنهان پوءِ قـرار، سُتيون ڪِين سَيد چَئي.​
24 Apr 2023, 22:59
0
تَتِي ٿَڌِي ڪاھَ؍. ناھي ويلَ وِھَڻَ جي؍،
مَتان ٿِيَئِي اُونداھُ،؍ پيرُ نہ لَھِين پِرين جو!؍
(شاه ڀٽائي)​
24 Apr 2023, 20:43
0
مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا
اُٿِيو ڏِيَنِ اَسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀَيرا
پَنهُوارَنِ پَيرا، وِڙُهه مَ وَيڙِيچَنِ سِين
24 Apr 2023, 20:27
0
جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي
پِتَائِين پُنُهَونءَ کَي، هَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ هِڪَ
اِنَ تَڙَ مَنجَهان تِڪَ، ڏِنَي پَاڻَ اُڃَ ٿِئَي
24 Apr 2023, 20:26
0
اُڀِرَندَيئِي سِج، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون
ڪَڍِي ٻَيئِي ڏِج، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کَي
24 Apr 2023, 20:26
0
ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
وطن وري ٿيو ڪوڙن ڪائنرن جو
24 Apr 2023, 20:22
0
لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!

سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَھ سين.
24 Apr 2023, 20:21
0
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱيا،
ري ٿنڀي، ري ٿوڻئين، تون ڇپر، تون ڇانءُ،
ڪڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀ ڪا.
24 Apr 2023, 20:20
0
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
24 Apr 2023, 20:19
0
جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين
نيون من لائين. پريان سندي پار ڏي.
24 Apr 2023, 20:18
0
ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛
وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
پِرين منَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي
24 Apr 2023, 20:18
0
ويٺو جنءِ وماسيين، حيرت پو مَ ھاڻ
للن کي لطيف چئي، اڇي ساڻ اراڻ
ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي.
24 Apr 2023, 20:17
0
لڏي ويا لوهار، ڪونهي ڪڙاڪو ڪڙ ۾،
ڌنوڻيءَ ڌنوڻ ڇڏيو، اجهامي ويا اڱار،
سانداڻ تان سيد چئي، لٿي مترڪن مار،
جئن ڪڙڪ منجهه لار، تئن سڄڻ چڻڪن چت ۾۔
شاهه سائين​
24 Apr 2023, 20:12
0
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
24 Apr 2023, 18:26
0
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
24 Apr 2023, 18:26
0
اڄ پُڻ اُتر پار ڏي , تاڙي ڪي تنوار ;
هارين هر سنڀايا , سرها ٿيا سنگهار,
اڄ پڻ منھنجي يار,وسڻ جا ويس ڪيا .

شاھ ❤

(سُر سارنگ )
2 Jun 2022, 11:48
1
- سکیا ھجو سپرین ڈکیا نہ ڈسو ڈینھن رحمت وسی رب جی جیئن سانوٹ وسی مینھن جنین سان آھی نینھن سی پرین ایندا پک سان،
لطیف سرکار
6 Oct 2021, 13:06
1
شاھ عبداللطیف رح..
قدر نہ رھیو کنھن م
قدر نہ کري کیر
دوست بہ دشمن تھی پون رکن رگو ویر
تہ بہ دوکو نہ کجی کنھن سان
من م رکجي نہ میر
آخر دیر یا سویر پرین پرچندا پاٹھی..
6 Oct 2021, 13:06
1

1234567
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Follow Me on TikTok
Watch Beautiful Captured Short Videos


Online Users
All