Topic - شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح

شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح
رات وئي صبح ٿي پکین کولیاپَکَ۰۰۰،
ڪِن میڙیا ماڻڪ موتي ڪِن میڙیا ڪَک۰۰۰،
ملیا انھن کي لَکَ جن امید نہ لاٿي اللہ مان ،
(شاھ عبدالطیف ڀٽائي)


Subsection: Sindhi SMS
Section: SMS Zone

Topic Files
Comments 113
ڪٖيڏانھَن ڪاهِيان ڪَرِهو، چؤڏِس چِٽاڻو،
مَنجِهئين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهئين لُڊاڻو،
راڻــو ئِـي راڻــو، رِئَ راڻــي ناھـہ ٻِـئو.❤️
10 Apr 2026, 17:53
0
حَبيبن هيڪار، مَنجهان مِهرَ سڏُ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمارَ، اورڻ اهو ئي ٿيو!
(لطيف سائين)
ِ
10 Apr 2026, 17:53
0
مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي جڏهن ڏِٺائِين
اڳيان اُٿي اُنِ کي، پُنهون پُڇيائِين،
اَدا اِتائين، ڪو ويو ساٿُ سَڄَڻ جو.

~شاه عبداللطيف ڀٽائي
10 Apr 2026, 17:53
0
ٿر ٿوهر، گھر جھوپڙا، ٻارڻ جنين جو ٻُوھہ،
اُٺا مينھن ملير تي، ٽھڪي نِڪتا ٽُوھہ،
رات بہ مُنھنجي رُوحَ سُتي سانگي ساريا.

لطيف سرڪار
10 Apr 2026, 17:52
0
َاَول ڏُوھ يزيد جو پوءِ ٿِيا ملان مَياري، فَتوائون ڏَئي ڦِري وَيا، ھُئا قُرآن جا قاري
وِساري دِين مُحَمد ﷺ جو لڳن لاچاري، ڏيکاري ڏاڙھي ساٿ چڏيائون سَيد جو.
"شاه"
10 Apr 2026, 17:52
0
جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجھ بہ اوڏِيائي منڱان
ري ٿنڀيين ري ٿوڻيين تون ڇپر تون ڇانءُ
ڪڄاڙو ڪھانء توکي معلوم سڀڪا
10 Apr 2026, 17:52
0
جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوَارَ، وَڻَ ٽِڻَ وَائِي ھيڪِڙِي،
سَڀيئِي شَيءَ ٿِئَا، سُورِيءَ سَزَاوَارَ،
ھَمَهَ مَنصُورَ ھزَارَ، ڪِهڙَا چَاڙھي چَاڙِھِيَان.
سُر سھڻي
10 Apr 2026, 17:52
0
اکر پڙھ الف جو ٻيا سڀ ورق وسار.
اندر تون اجار پنان پڙهندين ڪيترا.
10 Apr 2026, 17:51
0
ڪانڌُ نہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو کَٿيرو ئِي خُوبُ،
ميروئِي مَحبُوب اَسان مارُو مَنَ ۾
(شاھه)
10 Apr 2026, 17:51
0
سڄڻ تون نہ ڇڏيج، آئون جيئان تو آسري.
سڀئي پاڙون سور جون، ھڪ لحظي منجھ لٽيج.
ھڪ تون نہ منھن مٽيج، ٻيو لوڪ مٽيو تہ گھوريو.
"لطيف سرڪار "
10 Apr 2026, 17:51
0
اُٺَ وِيري، اوٺارَ ويري، ويري ٿِيَڙَمِ ڏيرَ،
چوٿون وِيري واءُ ٿِيو، جنهن لَٽِيا پُنهونءَ پيرَ،
پَنجون وِيري سِڄُ ٿِيو، جنهن اُلَهي ڪي اَويرَ،
ڇَهون وِيري ڇَپرُ ٿِيو، جنهن سَنوان ڪَيا نه سيرَ،
سَتون وِيري چَنڊُ ٿِيو، کڙِيو نه وڏيءَ ويرَ،
واهيري جي ويرَ، ڇُلوُن ڪَرِيان ڇَپَرين.

سُرُ ديسي، داستان پهريون، بيت 12
10 Apr 2026, 17:50
0
ڪنڊا مون پرين توڙي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇِپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين جتي جات نه پائِيان
10 Apr 2026, 17:50
0
اول الله عليم اعلي عالم جو ڌڻي.
قادر پنھنجي قدرت سين قائم آھي قديم
والي، واحد، وحدہ رازق رب رحيم
سو ساراھ سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم جوڙ و جوڙ جھان جي
10 Apr 2026, 17:49
0
اگھي اگھائي رنج پريان کي رسيو.
چکيم چڱائي سورانگھي سوريءَ تان.
10 Apr 2026, 17:49
0
چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان ن پرين سين،
تون اڇو مَ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

~شاه عبداللطيف ڀٽائي
10 Apr 2026, 17:48
0
*لالئون لال لطيف چئي *
ڪَنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ؛
آڱُرِ، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ؛
ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نه پائِيان ـر
26 Oct 2025, 21:37
0
کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين،
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
10 Jun 2025, 13:42
0
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
پر تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري (شاه)
30 May 2025, 15:57
0

1237
Sorry, comments are not available for you
Back
Advertisement

Download Pi Coin App get 100Pi Coins
Hurry up! This offer available for limited users


Online Users
All